پوکڻ ڪوٽيرو

پوکڻ ڪوٽيرو: هي ڌاتو پاهڻي دؤر جو ماڳ ديهه پوکڻ، تعلقي ٿاڻي بولاخان ضلعي ڄامشوري ۾ پوکڻ لانڍيءَ کان ٻه فرلانگ پنڌ تي، اتر ويڪرائي ڦاڪ 25048'27'' اوڀر ويڪرائي ڦاڪ 67044'65'' تي موجود آهي. ھتي ڇھن ڪمرن واري پٿر جي ٺھيل عمارت جا ڊٺل آثار ملن ٿا. جن کي مجمدار پنھنجي ڪتاب Exploration in sindh ۾ بيان ڪيو آھي. سندس چوڻ موجب ان ماڳ تي واريءَ جا تهه ڄمي ويا آھن. ھتان ڪو به ٺڪراٺو وغيره نه مليو آھي. اڏاوت 95 ميٽر ڊگھي 121 ميٽر ويڪري ۽ ڏيڍ ميٽر اوچي آھي. ھر ڪمري کي اوڀر ۾ لنگهه لاءِ دروازن جا نشان نه نٿا ملن. ماڳ چڱي حالت ۾ آھي. ڪوشش ڪرڻ سان ڪريل پٿرن سان ڀتين کي جوڙي سگھجي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو